اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته نئين مالي سال ۾ پگهاردار هيٺين طبقي کي سبسڊي ڏيڻ اهم مقصد آهي، بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن کي رليف ڏنو ويو آهي.
اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ناڻي بابت سيڪريٽري امدادالله بوسال، چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال، سربراهه ٽيڪس پاليسي آفس نجيب ميمڻ سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال هن ئي جڳهه تي ويهي معاشي استحڪام جون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين انهي وقت چيو هو ته استحڪام سبب گروٿ طرف وينداسين.
پوسٽ بجيٽ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته عوامي رليف لاءِ 70 ارب رپين جي اضافي سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي، ۽ برآمدات تي ٻڌل معاشي واڌ ويجهه تي بار بار زور ڏنو ويو آهي. ناڻي واري وزير موجب آءِ ٽي برآمدات وڌي 4 ارب 50 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي وينديون، جيڪا ملڪي معيشت لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي هوندي. محمد اورنگزيب ٻڌايو ته وزيراعظم سميت سڀني اتفاق ڪيو آهي ته سپر ٽيڪس ختم ٿيڻ گهرجي. هارين لاءِ زرخيزي اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته نوجوانن لاءِ وزيراعظم يوٿ لون پروگرام مختص ڪيو ويو آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته زرعي مشينري ۽ اوزارن تي ڪسٽم ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽيون ٻُڙي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته زراعت جي شعبي لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. زرعي شعبي لاءِ قرضن جي فراهمي جو حجم 20 ارب رپين کان وڌي ويو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته معاشي ترقي ۾ تعميراتي شعبي جو اهم ڪردار آهي، ۽ ملڪ معاشي ترقي جي سفر تي روان دوان ٿي چڪو آهي. محدود وسيلن باوجود حڪومت عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي. وچ اوڀر ۾ جنگ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته پنهنجو شپنگ فليٽ هجڻ ڪيترو اهم آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته ايڪسپورٽر انڊسٽري جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي مختلف قدم کنيا ويا آهن. پگهارن تي 5 سيڪڙو ٽيڪس گهٽائي 1 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، ڏهن ته 15 سيڪڙو شرح کي 13 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. وڏين پگهارن ۽ سرچارج بابت قدمن تي سٺي موٽ ملي آهي، غلط ڄاڻ پکيڙيندڙ ذريعن جو احتساب به ٿيڻ گهرجي. جڏهن بجيٽ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو ته تجويز ڏني وئي ته سڀني ايڪسپورٽرن لاءِ سپر ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. آءِ ٽي انڊسٽري ۽ فري لانسرز لاءِ ايف ٽي آر برقرار رکيو ويو آهي. توانائي جي بنيادي ڍانچي تي دٻاءُ موجود آهي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ به ڪجهه عرصو برقرار رهندو.
محمد اورنگزيب چيو ته صوبن طرفان مرڪز جي مدد تي شڪرگذار آهيون، ۽ اها سهولت ايندڙ ٽن مالي سالن تائين جاري رهندي. معاشي استحڪام ڪا آخري منزل ناهي، پر هڪ مسلسل عمل آهي. جيڪڏهن ترسيل زر ۽ پاليسين جو تسلسل برقرار رهيو ته پهرين مقامي ۽ پوءِ پرڏيهي سيڙپڪار به ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندا. سيڙپڪارن جو اعتماد آهستي آهستي بحال ٿيندو آهي، ۽ سڀ کان پهرين ملڪي سيڙپڪارن کي اڳتي وڌڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته هي بجيٽ ترقي ۽ ڪاروبار تي ٻڌل بجيٽ آهي.
مملڪتي وزير براءِ ناڻي بلال اظهر ڪياني چيو ته ناڻي واري وزير ڪالهه هڪ عوامي بجيٽ پيش ڪيو، جيڪو پگهاردار طبقي، صنعتڪارن ۽ ايڪسپورٽرن جو بجيٽ آهي. حڪومت جي ترجيح پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ هئي، ۽ وزيراعظم پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويو آهي ۽ وزيراعظم ڪاروباري برادري سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. بلال اظهر ڪياني چيو ته بجيٽ جي تياري دوران سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس سان صلاح مشورا ڪيا ويا. برآمدي صنعت جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مختلف قدم شامل ڪيا ويا. پگهارن تي 5 سيڪڙو ٽيڪس گهٽائي 1 سيڪڙو ۽ 15 سيڪڙو شرح گهٽائي 13 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
بجيٽ ۾ انهن طبقن کي به رليف ڏنو ويو آهي، جن کي گذريل مالي سال رليف نه مليو هو. ڪمزور طبقن ۽ عورتن لاءِ به بجيٽ ۾ حصو رکيو ويو آهي. وچولي طبقي لاءِ ”پنهنجو گهر اسڪيم“ متعارف ڪرائي وئي آهي، ڇو ته وچولو طبقو پلاٽ ته خريد ڪري وٺندو آهي پر گهر ٺاهڻ لاءِ رقم نه هوندي آهي. ساليانو 6 لک رپيا ڪمائيندڙن تي ڪو به ٽيڪس نه هوندو، جڏهن ته 6 لک کان 12 لک رپين تائين آمدني رکندڙن لاءِ هڪ سيڪڙو ٽيڪس مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ 17 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ چيو ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو آهي. وزيراعظم جو واعدو هو ته جيئن ئي مالي گنجائش پيدا ٿيندي، عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو. ايف بي آر جو نظام تبديل ٿي چڪو آهي ۽ آمدني جي نقصانن ۾ گهٽتائي جو عمل شوگر انڊسٽري کان شروع ڪيو ويو آهي.
عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم مسلسل عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا آهن، ۽ ٿورو ٿورو ڪري عوامي رليف لاءِ گنجائش پيدا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ خيال پگهاردار طبقي جو رکيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”پنهنجو گهر پروگرام“ ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وچولي طبقي لاءِ به بجيٽ ۾ خاص سهولتون رکيل آهن. سندس چوڻ هو ته هي مزدورن، پگهاردارن، صنعتڪارن ۽ هر طبقي جو بجيٽ آهي. عطا تارڙ چيو ته هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون، پر حڪومت ۽ عوام ڏکين حالتن جو صبر ۽ همت سان مقابلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام حاصل ٿيو ۽ دنيا به ان جي ساراهه ڪئي.
هن ٻڌايو ته ايف بي آر جي سڌارن وارو ماڊل ورلڊ بينڪ آڏو پيش ڪيو ويو. رمضان پيڪيج دوران ماڻهن لاءِ ڊجيٽل والٽ متعارف ڪرايا ويا. هن چيو ته هي بجيٽ عوامي رليف جي هڪ جامع دستاويز آهي، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ ”پنهنجو گهر اسڪيم“ پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي. عطا تارڙ چيو ته ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن وزيراعظم جي نگراني هيٺ مڪمل ڪئي وئي، سفارش واري ڪلچر جو خاتمو ڪيو ويو آهي، ۽ وزيراعظم جي معاشي ٽيم ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي.
تبصرے بند ہیں۔