وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاق جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاق جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته 3 ڏينهن اڳ 22 جوان شهيد ٿيا، آفيسر ۽ جوان پنهنجن ٻارن کي يتيم ڪري ويندا آهن، ڪروڙين عوام جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائيندا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان کي اهڙين قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي، شهيدن جي معصوم ٻارن کي خبر ئي ناهي ته انهي جو والد هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔