وفاق ٽن سالن ۾ ڪجهه نه ڏنو، جيڪو صوبن وٽ آهي اهو به کسڻ جي ڪوشش ڪري پيو: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٽن سالن ۾ وفاق صوبن کي ڏنو ڇا آهي؟ جيڪو صوبن وٽ آهي اهو به کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان کي 85 سيڪڙو روينيو گڏ ڪري وفاق کي ڏيڻو هوندو آهي، وفاقي حڪومت کي آڇ ڪئي هئي ته سيلز ٽيڪس گڏ نٿا ڪري سگهو ٿا ته اسان جي حوالي ڪيو، زيرو سيڪڙو گروٿ سبب منصوبا دير جو شڪار آهن. هن چيو ته وزيراعظم هر هفتي چيف سيڪريٽري کي چوندو آهي ته عمارتون ڇو نٿا ٺاهيو، ڪجهه شرپسند آهن، جيڪي هر روز نوان نوٽيفڪيشن ٿا ڪڍرائن، سنڌ حڪومت ڪراچي جون ٽئي اسپتالون سٺي نموني هلائي رهي آهي ۽ چاهيون ٿا ته اسپتالون سنڌ حڪومت هلائي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته صنعتي علائقي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، صنعتڪارن سان گڏجي صنعتي علائقي کي ترقي ڏيارينداسين، جڏهن ته شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ اسان جو پلان تيار آهي. وڏي وزير موجب ڪورونا سبب ٻه ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ جو فيصلو اين سي او سي ۾ ٿيو، وائرس کان بچڻ لاءِ اسان سڀني کي احتياط ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔