ذهني صحت جي باري ۾ ڳالهائڻ مهل ماڻهو اڄ به شرمائيندا آهن: ماهره خان

ڪراچي : پاڪستاني ٽي وي ۽ فلم جي نامور اداڪاره ماهره خان جو چوڻ آهي ته مينٽل هيلٿ (ذهني صحت) تي ڳالهائيندي ماڻهو اڃا به شرم محسوس ڪندا آهن، دماغي بيمارين بابت آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي.لنڊن ۾ برٽش ايشين ٽرسٽ جي تقريب ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي ماهره خان اها ڳالهه ڪئي. هن چيو ته ذهني بيماريون به ٻين بيمارين وانگر آهن، برطانيه جي شاهه چارلس جي ٽرسٽ سرگرمين ۾ شرڪت اهم آهي. ماهره خان جو اهو به چوڻ آهي ته معاشري ۾ هراسان ڪرڻ ۽ تشدد جا واقعا قابلِ مذمت آهن، مائنڊ سيٽ (ذهنيت) تبديل ڪرڻ ۽ ذميوارن کي عبرت جو نشانو (مثال) بڻائڻ ضروري آهي.

تبصرے بند ہیں۔