اسان پي ڊي ايم کان عليحدگي ۾ ڪا جلد بازي ناهي ڪئي: ميان افتخار

چارسده: عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سينيئر اڳواڻ ميان افتخار جو چوڻ آهي ته اسان پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) کان عليحدگي ۾ ڪا به جلد بازي ناهي ڪئي، خبر ناهي شوڪاز نوٽيس ڏيندڙن کي ڪهڙي جلدي هئي. چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان افتخار جو چوڻ هو ته اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان بيان بازي ڏسي رهيا هئاسين، پيپلز پارٽي اميدوار کي کليل نموني ووٽ ڏنو، اسان جي چونڊ جمهوري هئي. ميان افتخار جو چوڻ هو ته هي معاملا پي ڊي ايم اجلاس ۾ به ڏسي پيا سگهيا، مستقبل ۾ هم خيال پارٽين سان گڏجي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکنداسين. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ماضي ۾ اسان جي مطالبن جو ساٿ ڏنو، ان ڪري ووٽ ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔