ملڪي معيشت تي پاڪستاني عوام جو اعتماد گهٽجي ويو: اپسوس جي سروي رپورٽ

اسلام آباد: ملڪي معيشت تي پاڪستاني عوام جو اعتماد عالمي سراسري کان هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اپسوس پاڪستاني عوام جي راءِ تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪئي آهي، جنهن موجب پاڪستاني واهپيدارن سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ اهم خريدارين تي غير يقيني جو اظهار ڪيو. 82 سيڪڙو پاڪستانين گهر يا گاڏي جهڙي اهم خريداري جي باري ۾ پراعتماد نه هجڻ جو چيو، جڏهن ته 80 سيڪڙو مستقبل ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي حوالي سان شڪ شبهن جو اظهار ڪيو. سروي موجب 89 سيڪڙو پاڪستانين پنهنجي، پنهنجي فيملي ۽ ٻين ماڻهن لاءِ روزگار وڃڻ جي خوف جو به اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔