آمريڪا ۾ ارڙنهن سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي ويڪسينيشن جو اعلان

نيويارڪ: آمريڪي صدر جوبائيڊن 18 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو 19 اپريل کان ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا. اسان جو ويڪسين پروگرام ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهيو آهي.آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا 150 ملين خوراڪن جو انتظام ڪرڻ ۽ 62 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائيندڙ پهريون ملڪ آهي.آمريڪا ۾ ان کان اڳ 18 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي ويڪسينيشن جي تاريخ پهرين مئي مقرر ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔