آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ چيٽ منتقلي لاءِ واٽس ايپ جي نئين فيچر تي آزمائش

لنڊن: فيس بڪ جي ملڪيت ميسجنگ ايپ واٽس ايپ هڪ نئين فيچر جي آزمائش ڪري رهيو آهي جنهن جي تحت واٽس ايپ صارفين اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊيوائسز جي وچ ۾ چيٽ، لوگس ۽ ٽرانسڪرپٽ آساني سان منتقل ڪري سگهندا.ويب بيٽا انفو موجب هن نئين فيچر جي ذريعي واٽس ايپ صارفين جي لاءِ ٻن پليٽ فارم جي وچ ۾ سوئچ ڪرڻ آسان ٿي ويندو. رپورٽ موجب اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس صارفين واٽس ايپ جي جديد ورزن ذريعي ئي آءِ او ايس ڊيوائسز جو ڊيٽا اينڊرائيڊ ڊيوائس ۾ آساني سان منتقل ڪري سگهندا،.ويب بيٽا انفو طرفان جاري ڪيل اسڪرين شاٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ايپ ۾ واٽس ايپ جو جديد ورزن موجود نه هوندو ته ايپ صارفين کي چيٽ منتقلي جي لاءِ اپ ڊيٽ جو سگنل ڏيندي.ياد رهي ته في الحال آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ صارفين جي وچ ۾ چيٽ منتقلي جو ڪوبه فيچر موجود نه آهي جنهن سبب ٻنهي صارفين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻئي طرف آءِ او ايس تي واٽس ايپ صارفين جي ڊيٽا جو بيڪ اپ ٻڌائڻ جي لاءِ آءِ ڪلائوڊ جو استعمال ڪندو آهي جنهن جي تحت صارفين جي لاءِ نئين آءِ فون تي سوئچ ڪرڻ ۽ واٽس ايپ هسٽري ري اسٽور ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي.جڏهن ته اينڊرائيڊ ديوائسز تي واٽس ايپ چيٽ هسٽري، ري اسٽور ۽ بيڪ اپ بنائڻ جي لاءِ گوگل ڊرائيو استعمال ڪئي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔