خراب ٿي ويل کاڌو ۽ زهريلي گيس تي روشن ٿي خبردار ڪندڙ قلم تيار

بيجنگ: چين زهريلي کاڌي ۽ زهريلي گيس جي سڃاڻپ ڪندڙ قلم تيار ڪري ورتو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چين هڪ اهڙو قلم تيار ڪيو آهي جيڪو پاروٿي کاڌي، فروٽ، ڀاڄين جي سڃاڻپ ڪري انساني جان کي بچائي سگهي ٿو جڏهن ته هي فلم زهريلي گيس جي به سڃاڻپ ڪندو. مذڪوره قلم جي نب زهريلي کاڌي ۽ گيس جي موجودگي تي پنهنجو رنگ تبديل تبديل ڪندي آهي جنهن جي موجودگي جي اڳواٽ اطلاع تي ڪنهن وڏي حادثي کان بچي سگهجي ٿو.جنگ يا حملن ۾ زهريلي گيس استعمال ڪئي ويندي آهي جنهن جي بدبو ۽ رنگت ناهي هوندي. اهڙي طرح کائڻ پيئڻ جون ڪيتريون ئي شيون خراب ٿيڻ تي به گيس جا بخارات خارج ڪندي آهي. جنهن کي اسان سونگهي نٿا سگهون.هن قلم کي چين ۾ شينزن انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز ڪيترن ئي ادارن جي تعاون سان تيار ڪيو آهي ان جو اولين نمونو(پروٽوٽائپ) ڏسڻ ۾ سرنج جيان لڳندو آهي ۽ هي گهٽ خرچ ۾ بهتر به آهي هي پنهنجي حوالي سان خطرناڪ ڪيميڪل جي انتهائي معمولي مقدار به نوٽ ڪري سگهي ٿو.اهڙي طرح جا سينسر عام طور تي ايگريگيشن انڊيوسڊ ايميشن فلوروجين(ايل ايجينس) استعمال ڪندا آهن ۽ خطرناڪ ڪيميڪل ان سان چنبڙڻ کان پوءِ هڪ طرح جي رنگ برنگي روشني خارج ڪرڻ لڳندا آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ اهو سمورو نظام(ليڪوئيڊ) تي ٻڌل هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔