فيفا پاڪستان جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي

لاهور: فيفا پرڏيهي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تي پاڪستان جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب فيفا پي ايف ايف هيڊڪوارٽر تي مبينا قبضي سبب پاڪستان جي ميمبرشپ معطل ڪئي آهي، پاڪستان فٽبال فيڊريشن نارملازيشن ڪميٽي کي اختيارن جي واپسي تائين پاڪستان جي ميمبرشپ معطل رهندي.
ياد رهي ته فيفا پي ايف ايف جي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت تي پاڪستان جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جي حوالي سان وارننگ به ڏني هئي ۽ فيفا پاران لکيل خط ۾ چيو ويو هو ته اربع 31 مارچ جي رات تائين فيڊريشن جي چارج هارون ملڪ حوالي نه ڪئي وئي ته پاڪستان فٽبال خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
فيفا چيو هو ته پي ايف ايف جي فٽبال هائوس ۾ ناانصافي جو معاملو ڪانگريس جي اجلاس ۾ کنيو ويندو ۽ جيڪڏهن فيڊريشن جون حالتون بهتر نه ٿيون ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔