عفت عمر ڪورونا ويڪسين هڻائڻ تي قوم کان معافي گهري ڇڏي

ڪراچي: پاڪستان جي سينيئر اداڪاره عفت عمر ڪورونا ويڪسين هڻائڻ تي شرمنده ٿي قوم کان معافي گهري آهي.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عفت عمر پاران هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو جنهن ۾ هن چيو ته هوءَ شرمنده ۽ دل جي گهراين سان معافي گهري ٿي، هن چيو ته هوءَ ان جو ازالو به ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ياد رهي ته ويڪيسين هڻائڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ 40 سالن جي اداڪاره کي گهٽ عمر هجڻ باوجود ويڪسين هڻائيندي ڏٺو ۽ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
صارفين جو چوڻ هو ته نه هوءَ پيراميڊيڪل اسٽاف آهي نه وري 60 سالن جي بزرگ آهي، هن مفت ۾ ويڪسين هڻائي مستحق ماڻهن جو حق ماريو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔