ڪم ڪارڊيشين به ارب پتي ماڻهن ۾ شامل ٿي وٸي

نيويارڪ: آمريڪا جي ريئلٽي استار ۽ اداڪاره ڪم ڪارڊيشين ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي.
آمريڪي رسالي فوربز پاران جاري رپورٽ موجب ريئلٽي اسٽار ۽ ڪاروباري عورت ڪم ڪارڊيشين ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي.
فوربز موجب گذريل سال آڪٽوبر کان وٺي هن وقت تائين ڪم ڪارڊيشين جي دولت ۾ 20 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن سان ان جي اثاثن جي مجموعي ماليت هڪ ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي.
ياد رهي ته آمريڪي ريپر ۽ ڪم ڪارڊيشين جي مڙس ڪين ويسٽ جو ڳاڻيٽو به ارب پتي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي ماليت به 6 ارب ڊالر کان وڏيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔