سنڌ حڪومت قيدين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت قيدين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پهرين مرحلي ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي قيدين کي ويڪسين لڳائي ويندي.صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته زندگيون بچائڻ جي عمل ۾ قيدين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي. سنڌ جي جيلن ۾ قيد قيدين کي به ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائي ويندي.ويڪسينيشن جو مرحلو هلندڙ مهيني 7 اپريل کان شروع ٿيندو. سنڌ جي جيلن ۾ قيد 2 هزار 532 قيدين جي ويڪسينيشن ڪئي ويندي.ٻئي طرف صوبائي گهرو وزارت وضاحت ڪئي آهي ته سنڌ صوبي ۾ جمعي ۽ آچر تي سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔