عطيو ڪيل سويٽرن مان ٻائيتاليهه هزار ڊالرن جي رقم هٿ

نيويارڪ: آمريڪا ۾ غريبن جي لاءِ انتهائي گهٽ قيمت تي ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت واريون شيون فراهم ڪندڙ اسٽور هوندا آهن جتي اڪثر سامان عطيي جي صورت ۾ ملندو آهي پر گڊول اسٽور جي هڪ ملازمه جڏهن عطيو ڪيل ڪپڙن کي کوليو ته ان مان 100 ڊالر جا ڪيترائي نوٽ هئا جيڪي گڏيل طور تي 42 هزار ڊالر جي لڳ ڀڳ هئا.ملازمه اينڊيا ليسنگ ڏٺو ته ٻن سوئٽرن جي وچ ۾ ڪجهه ويڙهيل آهي پهريان هن سوچيو ته شايد ان ۾ ڪتابون هونديون پر جڏهن هن کولي ڏٺو ته ان ۾ هزارين ڊالر جي رقم هٿ آئي. پوءِ هن کي خيال آيو ته شايد هي نوٽ نقلي هوندا پر هي پئسا اصلي هئا. هن ڳڻپ ڪئي ته اهي 42 هزار يعني 60 لک روپيه هئا. اينڊريا پنهنجي ڌيءَ سان گڏ رهندي آهي ۽ هو ان پئسن کي پاڻ وٽ لڪائي به رکي سگهي ٿي پر هن پنهنجي استور جي مالڪ کي سمورو احوال ٻڌايو.حيرت انگيز طور تي رقم سان گڏ عطيو ڪندڙ جو نالو ۽ ايڊريس به موجود هو جيڪو هڪ عجيب واقعو چئي سگهجي ٿو. اينڊيا ٻڌايو ته مان سٺي عمل جي سٺي بدلي تي يقين رکندي آهيان. هن چيو ته اهڙي طرح هن گڊول جي نائب صدر فرينڪ هولينڊ سان رابطو ڪيو. فرينڪ جي اصل مالڪ سان رابطو ڪيو ويو ته هن نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي رقم عطيو ڪرڻ جو چيو. ان کان پوءِ گڊول انتظاميه پنهنجي فطري جبلت جي خلاف اها رقم نه ورتي ۽ ان جي انتظاميه تمام گهڻي تعريف ڪئي.ان کان پوءِ رقم جي اصل مالڪ جي اجازت سان اينڊيا کي ان مان هڪ هزار ڊالر ڏنا ويا ۽ هو ان دوران روئڻهارڪي ٿي وئي. ان وقت به کيس پنهنجي 6 سالن جي ڌيءَ جو خيال هو ۽ اينڊريا ٻڌايو ته جولاءِ ۾ مان پنهنجي ڌيءَ جي سالگره ڌام ڌوم سان ملهائيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔