ڪپل شرما مداحن کي پنهنجي ٻئي پٽ جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي: ڀارتي اداڪار ۽ ڪاميڊين ڪپل شرما مداحن کي پنهنجي ٻئي پٽ جو نالو ٻڌائي ڇڏيو. ڪپل شرما پنهنجي سالگره تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام ملڻ تي ٽوئٽر ۽ انسٽاگرام جي ذريعي مداحن جو ٿورو ادا ڪيو.ان موقعي تي گلوڪاره نيتي موهن به ٽوئٽر جي ذريعي ڪپل کي سالگره جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي پٽ جو نالو به پڇيو. نيتي جي سوال تي ڪپل پهريان ان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان جي خيريت پڇا ڪئي جڏهن ته ان سان گڏ ئي ٻڌايو ته مون پنهنجي پٽ جو نالو(نريشان) رکيو آهي.نيتي موهن ڪپل طرفان نالو ٻڌائڻ تي ان جي پٽ جي نالي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته تريشان ڪپل ٻڌڻ ۾ سٺو لڳندو آهي. ڀارتي اداڪار ۽ ڪاميڊين ڪپل شرما جي گهر ٻئي پٽ جي پيدائش پهرين فيبروري تي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔