هاڻ وزيراعظم عوام کي اجازت ڏئي ته گهٻرائي وٺي: آغا سراج دراني

جيڪب آباد: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پي ڊي ايم وٽ ڪوبه ڦوڪڻو ناهي جو ان مان ھوا نڪري وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پهتل آهي، وزيراعظم کي گھرجي ته ھاڻي عوام کي اجازت ڏي جو گھٻرائي وٺي.اھڙن خيالن جو اظهار ھن جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ آدم خان پنهور پھچي اڳوڻي صوبائي وزير منظور خان پنهور سان ڀيڻ جي وفات تي عذرخواهي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن چيو ته عوام تڪليف ۾ آهي پر وفاقي سرڪار وٽ عوام جي بهتري جي ڪا به سوچ ناهي وفاقي سرڪار کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته طاقت جو سرچشمو صرف عوام آهي ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي وفاقي سرڪار سمجهه ۾ نه ٿي اچي نه ئي ان جي پاليسين جي ڪا خبر پوي ٿي ته وفاقي سرڪار جي ڪهڙي ايجنڊا آهي پي ڊي ايم وٽ ڪو به ڦوڪڻو ناهي جو ان مان هوا نڪري وڃي وقت ٻڌائيندو ته ڦوڪڻو ڪنهن وٽ هو ۽ ڪيئن هوا نڪتي آهي ھن چيو ته اين آر او وارو وزيراعظم جو راڳ پراڻو ٿي ويو آهي اگر ڪنهن هن کان اين آر او گهريو به آهي ته ان جو نالو واضح ڪري يا هاڻي اهو راڳ الاپڻ بند ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔