سليڪٽڊ حڪومت مهانگائي ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي: شازيه مري

ڪراچي: مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي شازيه عطا مري چيو آهي ته سليڪٽڊ سرڪار مهانگائي ڪري غريبن کي پائمال ڪري رهي آهي ۽ غريب ماڻهو ۾ اٽو، گيهه ۽ دال خريد ڪرڻ جي به سگھ ناهي رھي. اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن پنهنجي ھڪ جاري ٿيل بيان ۾ ڪيو آهي، ھن چيو ته غريب ماڻهو بخار جي دوا خريد نه ٿو ڪري سگھي، صحت ڪارڊ جو ڪو به فائدو نه آھي، شازيه مري چيو ته عمران نيازي نوجوانن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو چيو ھو ھاڻ ته نوجوانن کي نوڪريون ڏئي. ھن وڌيڪ چيو ته مؤرخ لکندو ته نيازي اقتدار ۾ اچي ملڪ جي تباهي ڪري ھليو ويو، جڏهن ته ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ واپاري طبقو پڻ پريشان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔