پ پ ۽ نواز ليگ اختلافن سبب جمهوريت کي نقصان پهچائين پيون: سراج الحق

ٽنڊو محمد خان: پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ٻئي اقتدار ۾ رهي چڪيون آهن. پي ڊي ايم ۾ پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اختلافن سبب جمهوريت کي نقصان رسي رهيو آهي. ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جو وزيراعظم صرف عوام کي ڪوڙن آسرن ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق ٽنڊو محمد خان ڀرسان سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي صدر عبدالمجيد نظاماڻي جي گهرواري جي وفات بعد تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته هر حڪومت پنهنجي دور اقتدار وقت ملڪ کي لٽڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، هن وقت عمران حڪومت به ملڪ اندر مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. سندس وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ڏينهون ڏينهن اڳيان وڌڻ جي بجاءِ پويان ڌڪجي رهيو آهي، ملڪ جي عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي پر حڪمران پنهنجا نوازڻ ۾ مصروف آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏيارڻ جا صرف ۽ صرف ڪوڙا دلاسا ڏنا، ڪشمير جي عوام اڄ به ظلم ۽ زيادتين جي ور چڙهيل آهي. ڪشميرين سان هر روز ڀارتي فوج ظلم ڪري رهي آهي. بيگناهه ڪشميرين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي پر پاڪستان جو وزيراعظم ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ آواز اٿارڻ ۾ بلڪل ناڪام سمجهو ٿو وڃي. هن چيو ته جماعت اسلامي هميشه ملڪ جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔