مريم نواز جي طبيعت وري اوچتو خراب، ٻيهر ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي وئي

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن کان پوءِ هن ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي طبيعت هڪ دفعو ٻيهر خراب ٿي وئي آهي. ليگي ذريعن ٻڌايو آهي ته مريم نواز کي گلي ۾ سخت تڪليف آهي. جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن کيس ڪورونا ٽيسٽ جي تجويز ڏني. ذريعن موجب مريم نواز ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي جنهن جي رپورٽ جو انتظار آهي. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته مريم نواز جو علاج هلي رهيو آهي طبيعت بهتر ٿيڻ کان پوءِ هو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔