عورتن جي حقن جو تحفظ پي ٽي آءِ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: ريما اسماعيل

ڪراچي: گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي گهرواري ريما عمران چيو آهي ته عورتن جي حقن جي حفاظت  پي ٽي آءِ سرڪار جي پهرين ترجيح آهي ، ان ڪري ان سلسلي ۾ تاريخي قانون سازي ڪئي وئي .

اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ گذريل ڏينهن ڪوٺايل عورتن جي ڏهاڙي جي خاص تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ تبديلي ۽ ترقي عورتن جي شامل ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي .

عورتن جي تحفظ  تي قانون سازي جي باري ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي هن چيو وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020 جي نافذ ٿيڻ ۾ عورتن کي وراثت ۾ حق ڏيڻ جو قانون ٺاهيو ويو آهي عورتن جي پراپرٽي تي قبضي جي پهلوئن بابت به قانون سازي ڪئي وئي آهي .

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اينٽي ريپ آرڊيننس 2020 اهڙي ڪڌي ڏوهه جي متاثرن لاءِ انصاف جي فراهمي ۾ تيزي سان مددگار ثابت ٿيندو. ان سان گڏ ئي قانوني امداد ۽ انصاف اٿارٽي ايڪٽ 2020 وسيلي عورتن کي سول يا ڏوهاري قانوني چاره جوئي ۾ قانوني ۽ مالي امداد جون راهون کلنديون .

هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي بهتر تعليم ، صحت ، مالي طور پاڻ ڀري ٿيڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ وسيلي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، حقوق ۽ ذميوارين جي وچ ۾ توازن معاشري کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

پي ٽي آءِ جي حڪومت معاشري ۾ عورتن جي حقن ۽ انهن جي وقار جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ، ۽ اها زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن جي بهتر موقعن کي يقيني بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي .

ان موقعي تي عاليه صارم برني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني عورتن پنهنجي والد ، ڀائرن يا مڙسن  جي سهڪار سان هر شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي .

ايس ايس پي نسيم آرا پوليس ۾ عورتن جي وڌندڙ انگ جي حوصله افزا قرار ڏيندي انهن جي ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ عورتن کي شيلڊز به ڏنيون ويون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔