ڪوسوو ۾ اٺٽيهه ساله فيوزا عثماني صدر چونڊجي وئي

بريسٽينا: گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ڏکڻ سربريائي ملڪ ڪوسوو جي پارليامينٽ 38 ساله وڪيل ۽ سياسي اڳواڻ فيوزا عثماني کي ملڪ جو نئون صدر چونڊي ورتو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گذريل سال نومبر ۾ صدرهاشم تهاچي کي هٽائڻ کان پوءِ ڪوسوو جي پارليامينٽ اصلاح پسند عورت سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسيمبلي جي اسپيڪر فيوزا عثماني کي نئون صدر چونڊي ورتو آهي. پارليامينٽ ۾ فيوزا عثماني کي وزيراعظم البين ڪورتي ۽ ان جي پارٽي جي حمايت سبب 71 ووٽ مليا جڏهن ته ٻه اپوزيشن پارٽيون ۽ هڪ سربيا جي نسلي ننڍي پارٽي بائيڪاٽ ڪيو هو جنهن سبب کيس 120 جي پارليامينٽ ۾ 82 ميمبر ووٽنگ جي وقت موجود هئا.فيوزا عثماني ڪوسوو جي چونڊ ٿيندڙ پهرين عورت صدر نه آهي ان کان اڳ عاطفه يحيٰ آغا 2011 کان 2012 جي وچ ۾ ملڪ جي صدر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي. واضح رهي ته اڳوڻي صدر هاشم تهاچي مٿان جنگي ڏوهه جا الزام هڻڻ کان پوءِ گذريل سال نومبر ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو جنهن کان پوءِ اهو عهدو خالي پيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔