ڀارت ۾ مائو نواز باغين جي حملي ۾ 22 فوجي مارجي ويا، 32 زخمي

ڇٽيهه ڳڙهه: ڀارتي رياست ڇٽيهه ڳڙهه ۾ مائو نواز باغين جي حملن ۾ 22 فوجي اهلڪار مارجي ويا ۽ 32 زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب ڇٽيهه ڳڙهه رياست ۾ مائو نواز باغين جي حملي ۾ 22 فوجي اهلڪار مارجي ۽ 32 زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ اهلڪار اڃان به غائب آهي، حملي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز جا وڌيڪ جٿا جونا ڳڙهه ڳوٺ ڀرسان پهچي وي جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن باغين جي سرگرم ميمبر مادوي هڊما جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي شروع ڪيو ويو پر گذريل ڏينهن باغين ۽ پوليسجي وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو 4 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. آپريشن دوران لڳ ڀڳ 2000 اهلڪارن حصو ورتو پر جيئن ئي اهلڪارن جهنگ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته باغين حملي ڪري ڏنو.
ڀارتي ميڊيا موجب آپريشن ۾ مائو باغين کي به سخت نقصان رسيو آهي تنهن هوندي حملي واري جاءِ تان رڳو هڪ عورت جو لاش هٿ ٿيو آهي.
ٻئي پاسي حملي ۾ وڏي پيماني تي ڀارتي فوجين جي جاني نقصان تي ڀارتي صدر ۽ وزير اعظم نريندر مودي افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويل اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ چيو ته اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔