شهيد ڀٽو جي پاليسين سبب ملڪ ۾ وڏو صنعتي، معاشي ۽ تجارتي منصوبو وجود ۾ آيو: بلاول ڀٽو

نئون ديرو : قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن قائد عوام کي شهيد نه ڪيو وڃي ها ته پاڪستان اڄ متحرڪ معاشري سان گڏ هڪ فلاحي رياست هجڻ سان گڏ پوري دنيا ۾ هڪ رول ماڊل فلاحي رياست جي حيثيت رکي ها.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي جن سازشي عنصرن شهيد ڪيو انهن اصل ۾ هن ملڪ جي باني ۽ وڏڙن جي خوابن جو قتل ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪري پاڪستان ايندڙ نسلن ۽ انهن جي مستقبل کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ بيمثال اڳواڻ هو. هن  ملڪ جي معاشي، سياسي ۽ جمهوري خاڪن جي بنيادن کي برابريءَ جي بنياد تي رکيو هو. اهي ڳالهيون جن کي اڄ به اسان اهميت نه ڏيندا آهيون، اهي شهيد ڀٽو جي مهرباني آهي جنهن نوجوانن کي اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏيڻ سان گڏ برابريءَ جي بنياد تي حقن جي ضمانت ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ آزاديءَ سان اچڻ ۽ وڃڻ جو حق ڏنو ته جيئن مذهب، سياسي وابستگيون ۽ يونين سازي جي حقن کي گڏيل راءِ سان منظور ڪري 1973ع واري آئين ۾ شامل ڪيو ۽ 1973ع واري آئين جي منظوري اڄ تائين هن ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري ڪاميابي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي مضبوط جمهوري برابري جي بنياد تي مشتمل ترقي پسند پاڪستان جي لاءِ جدوجهد جاري رکندي ۽ هن جدوجهد ذريعي پنهنجي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي کڻي اڳتي وڌائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔