ٻي ون ڊي: فخر زمان جي 193 رنسن جي اننگز به پاڪستان کي شڪست کان نه بچائي سگهي

جوهانسبرگ : ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 17 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي.
جوهانسبرگ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 341 رنسون ٺاهيون.
پروٽيز طرفان ڪپتان باووما 92، ڊي ڪوڪ 80، وان ڊر ڊوسين 60 ۽ ڊيوڊ ملر 50 رنسن جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ پاڪستان جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون پر اوپننگ بيٽسمين فخر زمان ڏکڻ آفريقي بالرن اڳيان ڀِت بڻجي ويو ۽ زبردست بيٽنگ ڪندي قومي ٽيم کي فتح جي ويجهو پهچائي ڇڏيو پر راند جي آخري لمحن ۾ رن آئوٽ ٿي ويو.
فخر زمان 10 ڇڪن ۽ 18 چوڪن جي مدد سان 193 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.
پاڪستان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 324 رنسون ٺاهيون، ائين ڏکڻ آفريقا ميچ ۾ 17 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 3 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔