حڪومت جو کنڊ درآمد ڪرڻ لاءِ ٽيون ڀيرو ٽينڊر جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: واپاري واري وزارت ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) کي 50 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٽي سي پي مهانگين ٻولين جي ڪري پهريان ٻه ٽينڊر رد ڪري چڪو آهي.
ذريعن موجب مهانگي کنڊ جي ڪري درآمد وارو عمل عارضي طور تي روڪيو ويو هو، هاڻ حڪومت طرفان کنڊ جي درآمد لاءِ ٻيهر عمل جو آغاز ڪيو ويو آهي.
واپاري واري وزارت ٽريڊنگ ڪارپوريشن کي کنڊ جي درآمد جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ٽي سي پي طرفان 50 هزار ٽن کنڊ جا ٽينڊر سڀاڻي ڏيڻ جا امڪان آهن.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي ۽ حڪومت کي نسبتن گهٽ ريٽ تي درآمدي کنڊ ملڻ جي اميد آهي.
ٽريڊنگ ڪارپوريشن 50 هزار ٽن جا مسلسل ٻه ٽيندڙ ڪري چڪي آهي، آخري ٽينڊر ۾ ٽِ سي پي کي 544.10 ڊالر في ٽن جي ٻولي ملي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔