ترڪي ۾ ڪورونا وائرس جا رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا

انقره: ترڪي ۾ ڪورونا وائرس جا رڪاڊ ڪيس سامهون اچي ويا آهن. عرب ميڊيا موجب ترڪي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 800 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جيڪي ترڪي ۾ ڪورونا جي شروعات کان وٺي هينئر تائين جا هڪ ڏينهن ۾ رپورٽ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ ڪيس آهن.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ترڪي جي حڪومت گذريل مهيني جي شروعات تي ڪورونا بابت پابندين ۾ نرمي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ڪيسز ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ترڪي ۾ ڪورونا ڪيسز جو انگ 30 لک کان وڌيڪ آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 176 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن سبب فوتگيون 31 هزار 700 کان مٿي ٿي ويون آهن.ترڪ صدر طيب اردوان ڪورونا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ رمضان مهيني ۾ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ هفتيوار لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو به امڪان آهي. ترڪي ۾ رمصان جي دوران اجتماعي افطار، سحري ۽ ٻين اجتماعن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔