مهانگائي غريب عوام جي چيلهه ٽوڙي وڌي، هفتيوار رپورٽ جاري

اسلام آباد: ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح 17.21 سيڪڙو تي پهچي وئي.
شماريات واري اداري هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب هڪ هفتي دوران 15 ضرورت جون شيون مهانگيون ٿيون، 12 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 24 شين جي اگهن ۾ مضبوطي آئي.
انگن اکرن موجب ملڪ اندر کنڊ جي في ڪلو قيمت هڪ ڀيرو ٻيهر سنچري مڪمل ڪري ۽ کنڊ هڪ اندازي موجب 1 رپيو 90 پيسا في ڪلو وڌيڪ مهانگي ٿي جنهن کان پوءِ کنڊ جي في ڪلو قيمت 100 رپيا 92 پيسا ٿي ويو.
رپورٽ موجب ٻاڪري گوشت جو اگهه 10 رپيا 53 پيسا وڌيو جڏهن ته ڳائو گوشت 4 رپيا 44 پيسا مهانگو ٿيو.
شماريات واري اداري موجب هلندڙ هفتي گيهه 83 پيسا في ڪلو مهانگو ٿيو جڏهن ته کير 12 پيسا في ڪلو، ڏهي 23 پيسا في ڪلو ۽ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو هڪ رپيو 9 پيسا مهانگو ٿيو.
هوڏانهن ڪيلا 2 رپيا 14 ۽ بيضا 5 پيسا في درزن مهانگا ٿيا.
شماريات واري اداري ٻڌايو ته ڪڪڙ جو گوشر 21 رپيا 92 پيسا في ڪلو ۽ ٽماٽا 2 رپيا 28 پيسا في ڪلو سستا ٿيا جڏهن ته بصر 68 پيسا ۽ پٽاٽا 29 پيسا في ڪلو سستا ٿيا.
انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي چڻن جي دال، مسور جي دال، ماش جي دال ۽ ايل پي جي جا اگهه به گهٽ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔