پهرين ون ڊي: پاڪستان دلچسپ مقابلي کان پوءِ ميدان ماري ورتو

سنچورين: ٽي هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ٽي هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ اڄ سپر اسپورٽس پارڪ سنچورين ۾ کيڏي وئي.
پاڪستان ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. شروعاتي چار وڪيٽون جلدي ڪِرڻ جي باوجود ميزبان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 273 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريقا جي وان ڊرڊيوسن 123 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي جڏهن ته پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2 ۽ فهيم اشرف ۽ محمد حسنين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پاڪستان جي ٽيم ۾ حسن علي کي شامل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته دانش عزيز پاڪستان طرفان پنهنجو ڊيبيو ڪندو.
پاڪستان طرفان اننگز جو آغاز امام الحق ۽ فخر زمان ڪيو پر فخر زمان 8 رنسون ٺاهي پويليٽ موٽيو، فخر زمان جي جلد آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ بعد امام الحق ۽ بابر اعظم پنهنجي ذميواري جو شاندار مظاهرو ڪيو.
امان الحق 70 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته بابر اعظم 103 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. محمد رضوان 40 جڏهن ته شاداب خان به گهٽ پر اهم 30 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان 274 رنسن جو هدف 55هين اوور جي آخري بال تي 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو جڏهن ته ڏکڻ آفريقا طرفان انرچ نورجي 4، ڦلڪيوايو 2 ۽ ربادا هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
ٽي هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ٿي ۽ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٻي ون ٽي ميچ 4 اپريل تي کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔