منهنجو جهيڙو نه پهرين ڪنهن آءِ جي سان هو ۽ نه هاڻ آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: آءِ جي سنڌ سان ڪوبه جهيڙو ناهي، منهنجو جهيڙو نه پهرين ڪنهن آءِ جي سان هو ۽ نه موجوده آءِ جي سان آهي، ڪو آفيسر بدلي ٿيڻ نٿو چاهي ته اسان نٿا روڪي سگهون، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اين سي او سي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي جي حوالي سان قدم نه کنيا ته صوبائي حڪومت پاڻ قدم کڻندي، لاڪ ڊائون وارو فيصلو ايڏو خراب هو ته وفاق ۽ ٻين صوبن ڇو عمل ڪيو؟ اين سي او سي جي اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي تجويز نه ڏني هئي، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي ٻن هفتن لاءِ پابندي جي تجويز ڏني، جنهن کي رد ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔