حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جو نفعو وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جو نفعو وڌائي ڇڏيو، پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپني مارجن ۾ 16 پئسا واڌ ڪئي وئي، واڌ کانپوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جو نفعو 2.97 رُپيا في لٽر ٿي ويو، نوٽيفڪيشن تحت ڊيزل تي ڊيلرز جو نفعو 18 پئسا ۽ پيٽرول تي 3.91 رُپيا وڌي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔