سنڌ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 29 ڪامورا ايڊيشنل سيڪريٽريز ۽ ٻين عهدن تي مقرر

ڪراچي: سنڌ حڪومت تازو 19هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 29 ڪامورن کي ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ ٻين عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيوآهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽيپو سلطان کي ثقافت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، سليم بلوچ ليبر کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، شاهنواز خان ڊي سي بدين، فضل اويسي بورڊ آف روينيو سکر ۾ انسپيڪشن شعبي ۾ مقرر، غفار سومرو ايڊيشنل ڪمشنر ون شهيد بينظيرآباد، فاروق لغاري معدني وسيلن واري کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، غفور ميمڻ ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، نظير قريشي ڊائريڪٽر بورڊ آف روينيو انسپيڪشن حيدرآباد مقرر. ان کان علاوه وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري آصف جميل شيخ جون ترقي ماڻڻ بعد خدمتون وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ حوالي، ينٽي ڪرپشن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر قدير انصاري ساڳئي کاتي ۾ ڊائريڪٽر ليگل مقرر، عمرڪوٽ جي اي ڊي سي ون سڀاش چندر کي ميرپورخاص ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائمري مقرر ڪيو ويو، الطاف گوهر ميمڻ ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) مقرر، نثار چنڙ عورتن جي ڀلائي واري کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر، مرتضيٰ شيخ سنڌ روينيو بورڊ جو سيڪريٽري، اصغر گهانگهرو تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، جڏهن ته نثار خان ايڊيشنل سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن مقرر ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔