جهانگير ترين خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي: شهزاد اڪبر

لاهور: وزيراعظم جي احتساب بابت خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته اسان ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهيون. جهانگير ترين جي خلاف ڪيس قانون موجب هلندو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي  شهزاد اڪبر چيو ته کنڊ اسڪينڊل تي جاچ تيزي سان جاري آهي. کنڊ اسڪينڊل پاڪستان ۾ نئون نه آهي اهو پهريون به  ٿيندو رهيو آهي. قيمتن تي صرف شوگرملز نه مارڪيٽ فورسز به اثر انداز ٿيندي آهي. مارڪيٽ فورس ناجائز منافع خوري ۾ ملوث هوندي آهي. شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته سٽه مافيا کنڊ جي ٻورين تي نه پر واٽس ايپ تي سمورو ڪم ڪندي آهي. شاهدين جي فرانزڪ آڊٽ سان ڪيترائي انڪشاف ٿيا. شاهدين جي فرانزڪ آڊٽ سان ئي طريقيڪار جي خبر پوندي. پنجاب ۾ 8 کان 10 وڏا رانديگر کنڊ جي قيمت مقرر ڪندا آهن. اسان سڀ ان 10 ماڻهن وٽ يرغمال آهيون جن جي خلاف ڪارروائي ضروري آهي. سٽي بازن اڳ ئي طئي ڪيو هو ته اپريل ۾ کنڊ جو ريٽ ڇا هوندو. فيبروري مارچ جي ڀيٽ ۾ 8 هزار کان ساڍا 8 هزار ڪلو ريٽ شروع ٿيو. رپورٽون آهن ته سٽه مافيا رمضان ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ ڪري رهيا آهن.

رمضان لاءِ کنڊ جي فيبروري، مارچ جي قيمت کان 20 کان 25 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي. شهزاد اڪبر چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب کي مواد ڏنو ويو آهي. غيرقانوني مارڪيٽ فورسز جي خلاف  ڪارروايون ڪري رهي آهي. ڪرپشن بابت ڪارروائي کي عدالت صحيح قرار ڏنو. ايف اءِ اي سٽه مافيا جي خلاف 12 کان وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ڪري چڪو آهي. ايف آءِ اي سته مافيا جي خلاف 12 کان وڌيڪ ايف اءِ آر  داخل ڪري چڪو آهي. هن چيو ته کنڊ جي پيداوار جو 60 سيڪڙو صنعتون، 40 سيڪڙو صارفين ڏانهن ويندو آهي. بهانا ڪيا ويندا آهن ته ايڪس مل پرائس طئي ڪرڻ مشڪل آهي.

وفاق ۽ صوبن جو ان ۾ هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ضروري آهي. حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي. رمضان ۾ قيمتن  کي قابو ۾ رکي سگهجي.  رپورٽون هيون ته سٽي باز رمضان ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ وڃي رهيا آهن. شوگر سبسڊي بابت سمورا ڪيس نيب کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن. پنجاب ۾ مصنوعي کوٽ ۽ قيمتن ۾ اضافي جي خلاف قانونسازي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔