بوري والا ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا اجل جو شڪار

لاهور: پنجاب جي تعلقي بوري والا ۾  ڪار تيز رفتاري سبب ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.

واقعو لڊن روڊ تي ڏوراهين ڳوٺ 463 اي بي ڪي ويجهو پيش آيو. فوت ٿي ويلن ۾ 2 مرد، 3 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن. فوت ٿي ويلن جي لاشن کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ٽيمن ڪار ۽ ٽرڪ جي باڊيز کي ڪٽي مسافرن جي ڦاٿل لاشن کي ٻاهر ڪڍيو.

مقامي پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪار ۾ سوار سمورن ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جيڪي لڊن کان لاهور وڃي رهيا هئا.

فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ ڪار ڊرائيور محمد جهانگير ولد فياض احمد، موضع علي الدين لڊن، شهريار، مهوش زال محمد عمران، احمد ولد جهانگير عمر 4 سال، علي ولد جهانگير عمر 7 مهينا، ماريه ڌيءَ جهانگير عمر 6 سال، سوها ۽ بلو جي نالن سان ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔