پشاورهاءِ ڪورٽ طرفان پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي لڳايل پابندي ختم

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي لڳايل پابندي کي ختم ڪيو ويو آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ کي پاڪستان ۾ کوليو وڃي پر غير اخلاقي مواد اپ لوڊ نه ٿيڻ گهرجي، ٻئي طرف وفاقي وزير فواد چوڌري ٽويٽ ڪندي ٽڪ ٽاڪ تي لڳل پابندي معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي، وفاقي وزير چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ پاران ٽڪ ٽاڪ تي لڳايل پابندي جو سنگل بينچ وارو فيصلو معطل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي مڙهيل پابندي ختم ڪئي وئي. هن چيو آهي ته منهنجي درخواست آهي ته فيصلو ڪرڻ وقت انتهائي محتاط رهو، ان سان پاڪستان جو مستقبل ۽ معيشت متاثر ٿي سگهي ٿي، واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ 11 مارچ تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي مڙهڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ قيصر رشيد خان چيو هو ته ٽڪ ٽاڪ تي جيڪي وڊيوز اپ لوڊ ٿي ٿين ٿيون اهي اسان جي معاشري جي لاءِ قابل قبول نه آهي، ٽڪ ٽاڪ وڊيوز سا معاشري ۾ فحاشي ڦهلجي رهي آهي هن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔