ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 98 ماڻهو فوت،حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 14 هزار 530 ٿي ويو

اسلام آباد : ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 98 ماڻهو فوت ٿي ويا، حياتيون وڃائيندڙن جو مجموعي انگ 14 هزار 530 ٿي ويو،

وائرس جا 4 هزار 974 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، متاثرن جو انگ 6 لک 72 هزار 931 ٿي ويو، ڪورونا جا 6 لک 5 هزار 274 مريضن وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿ ويا آهن،

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 9.9 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 265680 ٿي ويو، جڏهن ته 4502 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن،

سرڪاري پورٽل موجب پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 223181 آهي ۽ 6427 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري موت جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19576 آهي ۽ 208 ماڻهو فوت چڪا آهن،

سرڪاري پورٽل موجب ڪي پي ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 88099 ۽ 2363 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 12805 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 355 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، هن کان علاوه گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين مريضن جو تعداد 5033 ٿي ويو ۽ 103 ماڻهو فوت چڪا آهن،

جڏهن ته ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 58557 آهي ۽ هن مهل تائين 572 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔