ايل پي جي اگهن ۾ به گهٽتائي

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي) جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين اپريل کان ايل پي جي جو گهرو سيلنڊر 166 رپيا 33 پيسا سستو ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڪلو ايل پي جي مارچ جي ڀيٽ ۾ اپريل لاءِ 14 رپيا سستي ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلو گرام جي گهرو ايل پي جي سلنڊر جي نئين قيمت 1718 رپيا 59 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته اپريل جي لاءِ في ڪو ايل پي جي جي نئين قيمت 145 رپيا 64 پيسا هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔