آڪسفورڊ جي ڪورونا ويڪسين ايسٽرازينيڪا جو نالو تبديل

لنڊن: آڪسفورڊ جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين ايسٽرازينيڪا جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سوئيڊش ميڊيسن ايجنسي جي درخواست تي ايسٽرازينيڪا جو نالو تبديل ڪري(واڪس زيوريا) رکيو ويو آهي. رپورٽن موجب آڪسفورڊ جي ويڪسين ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي. پر صرف ليبل ۽ پيڪنگ تي نالو تبديل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته جنوري ۾ سوئيڊش ميڊيسن ايجنسي برٽش سويڊش فارماسيوٽيڪل ڪمپني کي ڪروونا کان بچاءُ جي ويڪسين لاءِ گرين سگنل ڏنو هو پر مارچ ۾ ويڪسين لڳرائيندڙ ڪجهه مريضن ۾ رت ڄمڻ جون شڪايتون سامهون اچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي يورپي ملڪن هن ويڪسين جي استعمال تي پابندي هڻي ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔