ٽوئٽر جي نئين وڊيو فيچر جي آزمائش شروع

لنڊن: مائيڪرو بلاگنگ سائت ٽوئٽر تمام جلد پنهنجي ايپ ۾ هڪ نئين ۽ حيرت انگيز فيچر کي شامل ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن جي ذريعي صارفين پنهنجي ٽائم لائن تي يو ٽيوب وڊيوز ڏسي سگهندا.ان جو مطلب اهو آهي ته نئون فيچر اچڻ کان پوءِ يو ٽيوب وڊيوز ڏسڻ جي لاءِ صارفين کي ڌار کان يو ٽيوب ايپ تي ري ڊائريڪٽ نه ڪرڻي پوندي ۽ ڪمپني جو خيال آهي ته ان سان صارفين جي لاءِ ٽوئٽر تي وڊيو ڏسڻ تمام گهڻو آسان هوندو. ٽوئٽر جي هن نئين فيچر جو تجربو اڃان آمريڪا، جاپان، ڪينيڊا ۽ سعودي عرب ۾ ڪيو پيو وڃي.ٽوئٽر جي هڪ ترجمان چيو آهي ته اسان چئن هفتن جي لاءِ نئين فيچر جي جانچ ڪنداسين ۽ نتيجن جي بنياد تي ان کي لانچ ڪيو ويندو. واضح رهي ته ٽوئٽر گذريل ڏينهن به ٻن نون فيچرز جو اعلان ڪيو هو جيڪو اڃان جانچ جي مرحلي ۾ آهي.هن فيچرز جي ذريعي صارفين اڌ جي بجاءِ مڪمل تصوير ڏسي سگهندا. جڏهن ته 4 ڪي اميج کي به سپورت ملندي. هن فيچرز کي اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس ٻنهي پليٽ فارم تي فراهم ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔