ڪوئٽه: بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته انٽيليجنس ايجنسين پاڪستان کي وڏي تباهي کان بچائيندي بلوچستان مان هڪ عورت خودڪش بمبار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪوئٽه ۾ خودڪش بمبار عورت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مير سرفراز بگٽي چيو ته اسان سان گڏ ويٺل عورت خودڪش حملي جي مشن تي هئي، عورت خودڪش حملي آور کي اسلام آباد ۾ حملي جو حدف ڏنو ويو هو. انٽيليجنس ايجنسي وقت تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بنائي ڇڏيو.
هن چيو ته دهشتگردن جو بلوچ روايتن سان ڪوبه تعلق نه آهي، اسان نينگرين کي تعليم ڏيڻ چاهيون ٿا جڏهن ته دهشتگرد انهن کي خودڪش جيڪٽس پارائي رهيا آهن. اسان نينگري کي باعزت طريقي سان انهي جي والد جي حوالي ڪري رهيا آهيون.
بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد عورتن کي ڦاسائيندا آهن، عالمي آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ دهشتگرد ٻارڙين جو استحصال ڪندا آهن، عورت کي ڌمڪي ڏني وئي هئي ته خودڪش حملو نه ڪيو ته والد کي ماري ڇڏينداسين.
سرفراز بگٽي چيو ته انٽيليجنس ايجنسين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو ته انهن پاڪستان کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو. انٽيليجنس ايجنسيز وقت تي ڪارروائي ڪندي هڪ ٻارڙي کي گرفتار ڪيو، بلوچ عورتون ڪڏهن به هن جنگ جو حصو نه آهن، اها ڪهڙي روايت آهي ته پنهنجي مفادن جي لاءِ بلوچ ٻارڙين جو استعمال ڪريو ٿا.
تبصرے بند ہیں۔