اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ گهريلو انٽرنيٽ ڪنيڪشن جو تعداد 5.10 ملين ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيليڪام جي معاملن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي کي هٿي ڏيڻ ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن. جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم گلگت بلتستان ۽ آزاد جمون ڪشمير ۾ آسان خدمت مرڪز جي قيام جي حوالي سان ڪم تيز جي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
شهباز شريف هدايت ڪئي ته آسان خدمت جي سهوليتن کي صوبن ۾ به شروع ڪرڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي. آءِ ٽي جي شعبي ۾ شهري ۽ ڏوراهين علائقن جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صوبائي، ڊسٽرڪٽ جي سطح تي حڪومت جو تعاون حاصل ڪيو وڃي.
انهي موقعي تي وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سموري ملڪ ۾ گهريلو انٽرنيٽ ڪنيڪشن جو تعداد 2024 ۾ 1.9 ملين مان وڌي 2026 ۾ 5.10 ملين ٿي ويو آهي. هن مالي سال پاڪستان مان 4.5 کان 4.6 ارب آمريڪي ڊالر جي آءِ ٽي برآمدات جو امڪان آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تازو ئي پاڪستان ۾ 5 جي سروسز جي لاءِ نيلامي ڪئي وئي. جيڪا انهي حوالي سان 2016 کان هينئر تائين ٿيندڙ دنيا جي سڀني کان وڏي نيلامي هئي. انهي آڪشن مان پاڪستان کي 509 ملين آمريڪي ڊالرز جو روينيو حاصل ٿيو.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته مصنوعي ذهانيت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان فيبروري 2026ع ۾ انڊس اي آءِ ويڪ جو اهتمام ڪيو ويو، 30 شهرن ۾ تقريبون ٿيون، انڊس اي آءِ ويڪ ۾ 100 کان وڌيڪ عالمي مندوبين شرڪت ڪئي. انهي حوالي سان 88 پولينز ٺاهيا ويا هئا.
بريفنگ موجب اسلام آباد جي سرڪاري اسڪولن ۽ هيلٿ يونٽس کي فائبر ڪنيڪٽيويٽي فراهم ڪئي وئي آهي. اسلام آباد کي فري انٽرنيٽ هاٽ اسپاٽس جي فراهمي جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. سيد پور ماڊل وليج ۽ فاطمه جناح پارڪ ۾ اي لرننگ پاڊز لڳايا پيا وڃن.
اجلاس ۾ وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال، وفاقي وزير قانون، انصاف اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير اقتصادي معاملا احد خان چيمه، وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيليڪام شزا فامطه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔