تهران: ايران جي سرڪاري خابرو اداري آءِ آر آئي بي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايراني جواب رد ڪرڻ تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي منصوبو اصل ۾ ٽرمپ جي لالچ سامهون ايران طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر هو.
پرڏيهي خابرو چينل الجزيره موجب ايراني سرڪاري ميڊيا پنهنجي ٽيليگرام بيان ۾ چيو ته تهران طرفان ڏنل جواب ۾ ايراني قوم جي بنيادي حقن تي زور ڏنو ويو آهي ۽ ايران ڪنهن اهڙي معاهدي کي قبول نه ڪندو جيڪو انهي جي خودمختاري يا قومي مفادن جي خلاف هجي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايران جي تازي تجويز ۾ آمريڪا سان جنگي نقصانن جي ازالي جو مطالبو به شامل آهي. ايران آبنائي هرمز تي پنهنجي خودمختاري جي موقف کي ورجايو ۽ چيو ته خطي ۾ سلامتي ۽ بحري گذر گاهن جي معاملن تي ايران جو موقف واضح ۽ غير متزلزل آهي.
آئي آر آئي بي موجب ايراني جواب ۾ اهو مطالبو به ڪيو ويو آهي ته آمريڪا ايران تي لڳايل سموريون پابنديون ختم ڪري، پرڏيهي ملڪن ۾ موجود منجمد ايراني اثاثا فوري طور تي بحال ڪيا وڃن.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي ايراني تجويزن کي ناقابل قبول قرار ڏئي چڪو آهي جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ماهرن موجب آبنائي هرمز پابندين جي خاتمي ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت اختلاف اڃان تائين ڪنهن وڏي معاهدي جي رستي ۾ سڀني کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن.
تبصرے بند ہیں۔