اڳوڻي ماڊل زينب قيوم جي فيشن ٽرينڊ تي تنقيد ٿيڻ لڳي

ڪراچي: پاڪستان جي اڳوڻي ماڊل ۽ اداڪاره زينب قيوم کي فيشن جي نالي تي عجيب وغريب ٽرينڊ اپنائڻ تي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.فيشن جي نالي تي عجيب وغريب ڪپڙا ۽ زيورات پائڻ جو رواج نئون نه آهي پر ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اڪثر ماڊلز اهڙا اهڙا ٽرينڊز اپنائينديون آهن جو اکيون حيرت سان کلي وينديون آهن. ڪجهه وقت اڳ هڪ پاڪستاني مرد ماڊل: جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن عورتن جيان نه صرف ڪپڙا پاتا هئا پر زيور به پائي مڪمل ڪنوار بڻيل هو.دلچسپ ڳالهه ته اها آهي ته ان جي چهري تي ڏاڙهي مڇون به هيون. هڪ مرد ماڊل جي عورتن جيان تيار ٿيڻ جي تصوير کي وڏي انگ ۾ شيئر ڪيو ويو جڏهن ته ماڻهن ان تي سخت تنقيد به ڪئي هئي. فيشن جي نالي تي عجيب وغريب روپ ڪرڻ ۾ پاڪستاني فيشن ڊيزائنر علي ذيشان به ڪافي مشهور آهي جيڪو اڪثر ريمپ تي واڪ ڪندي مختلف فيشن شوز ۾ عجيب وغريب طريقي سان نظر ايندو آهي.پر هاڻ اڳوڻي پاڪستاني ماڊل زينب قيوم عرف زي ڪيو هڪ ماڊل جي تصوير ٽوئٽر تي شيئر ڪئي آهي جنهن کي غير معمولي طور تي وڏي سائز جا جهمڪا پاتا آهن اها ماڊل پاڪستان جي آهي يا ڀارت جي اهو ته هن ناهي بڌايو پر ماڊل جي تصوير تي موجود ڪيپشن نهايت دلچسپ آهي.ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته هن ماڊل جا جهمڪا سموري سوشل سرڪل(سماجي تڪ) کان به وڌيڪ وڏا آهن. زينب قيوم جي ان پوسٽ تي مداح مزاحيه تبصرا ڪري رهيا آهن.ياد رهي ته زينب قيوم ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جي سپر ماڊل رهي چڪي آهي ۽ هاڻ هو پاڪستاني ڊرامن ۾ وڏي عمر جي عورتن واري ڪردار ۾ نظر ايندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔