عاطف اسلم ساره سان شادي کي پنهنجي خوشقسمتي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: مشهور پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم ساره بهروانا سان شادي کي پنهنجي خوشقسمتي قرار ڏئي ڇڏيو.عاطف اسلم ۽ ساره بهروانا اڄ پنهنجي شادي جي اٺين سالگره ملهائي رهيا آهن. شادي جي 8 سالن کان پوءِ به عاطف اسلم پنهنجي زال جو تمام گهڻو ديوانو آهي ۽ ساره سان شادي کي پنهنجي خوشقسمتي سمجهي ٿو.عاطف اسلم سوشل ميڊيا تي ساره سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻئي سائي گاهه تي ويٺل انتهائي خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيا آهن. تصوير جي ڪيپشن ۾ عاطف اسلم پنهنجي زال کي پنهنجي ملڪه قرار ڏيندي لکيو مان اڄ تائين خوش آهيان ته منهنجي ملاقات اوهان سان ٿي جيڪڏهن اوهان سان شادي نه ٿئي ها ته خبر ناهي ڪنهن سان ٿي هئي.ماشاءَالله مان جن ماڻهن کي سڃاڻان ٿو انهن مان اوهان سڀني کان وڌيڪ مضبوط شخصيت آهيو ۽ مان اوهان جو ٿورو به ادا نٿو ڪري سگهان اوهان مون کي ايترا خوبصورت ٻار ڏنا آهن. اسان اوهان سان تمام گهڻي محبت ڪريون ٿا. شادي جي سالگره مبارڪ هجي.واضح رهي ته عاطف اسلم هر سال پنهنجي زال کي نرالي طريقي سان شادي جي سالگره جي مبارڪباد ڏيندو آهي ٻنهي جا ٻه پٽ آهن جن سان ٻئي تمام گهڻي محبت ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔