مودي جي بنگلاديش اچڻ تي ٻئي ڏينهن به مظاهرا، وڌيڪ پنج ڄڻا مارجي ويا

ڍاڪا: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بنگلاديش اچڻ تي شروع ٿيندڙ مظاهرن جي ٻئي ڏينهن به وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب بنگلاديش ۾ جمعي جي ڏينهن ڀارتي وزيراعظم جي اچڻ تي شروع ٿيندڙ ملڪ گير احتجاج اڃان تائين جاري آهي. ٻئي ڏينهن به مبينه پوليس فائرنگ سبب وڌيڪ 5 مظاهرين مارجي ويا. ٻن ڏينهن ۾ پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.چٽاگانگ جي ضلعي برهمن باريه جي اسپتال جي ايم ايس صحافين کي ٻڌايو ته گوليون لڳڻ سبب زخمي 17 ڄڻن کي اسپتال آندو ويو جن مان 3 مئل حالت ۾ آندا ويا 2 اسپتالن ۾ دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته 12 زخمي آهن جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان حوالي سان هڪ صحافي کي ٻڌايو ته حفاظت اسلام جي 3 هزار کان وڌيڪ مظاهرين ضلعي ۾ سرڪاري آفيسن ۽ عمارتن کي باهه ڏئي ڇڏي آهي. پر اهو واضغ ناهي ٿي سگهيو ته اهي فوتگيون پوليس فائرنگ سان ٿيون يا ڪو ٻيو معاملو آهي.مودي جي اچڻ سان شروع ٿيندڙ مظاهرن کان پوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پيرا ملٽري فورس کي مقرر ڪيو ويو آهي. سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي مظاهرين گجرات ۾ مسلمانن خلاف فسادن تي مودي جي خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔