خيرپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، پنجن شاگردن سميت 6 ڄڻا فوت

خيرپور: خيرپور ۾ وين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 شاگردن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثو ٺري ميرواهه مهران هاءِ وي تي پيش آيو جتي تيز رفتار  وين موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي حادثي کان پوءِ واتهڙن امدادي ڪارروائين ۾ حصو ورتو ۽ هيلب لائن تي ڪال ڪئي. گاڏي جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل تباهه ٿي وئي جڏهن ته وين  کي به ڪافي نقصان پهتو اهي. اسپتال ۾ ايمبولينس خراب هجڻ  سبب فوتي جي وارثن پاران ڌرڻو هنيو ويو. 

هوڏانهن پوليس موجب مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار وين موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار امتياز مري، برسات علي، علي جان، ظفر علي ۽ مظفر مري ٿڏي تي فوت ٿي ويا. پوليس موجب شاگردن کي موٽر سائيڪل تي اسڪول نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو. فوتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو اهي.

جڏهن ته اسپتال ۾ ايمبولينس خراب هجڻ ڪري فوتين جي وارثن ۽ شهرين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو. جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جي اچ وڃ به سخت متاثر ٿي  آهي. پوليس روڊ کولرائڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔