بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي شرح ٻيهر وڌڻ لڳي

ڪوئيٽا: بلوچستان اندر ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ واري شرح ۾ واڌ ٿي وئي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 32 نوان مريض آڏو آيا.
صحت کاتي موجب خميس تي صوبي ۾ 699 ڄڻن جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ ڪوئيٽا مان 23، خضدار مان 4، ڪيچ مان 2 جڏهن ته مستونگ، پنجگور ۽ خاران مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جي شرح وڌي 4.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيندڙن جو گڏيل انگ 19 هزار 427 ٿي ويو آهي، ان کان سواءِ وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 205 آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران 32 نوان مريض آڏو آيا ۽ ڪورونا ۾ مبتلا 17 مريض صحتياب ٿيا جنهن سان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 19003 ٿي ويو.
ذريعن موجب صوبي جي تعليمي ادارن ۾ 38 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن ۾ 2 شاگردن جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت آئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔