عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: عالمي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عالمي بينڪ جي پڌرائي موجب پاڪستان جي لاءِ منظور 60 ڪروڙ ڊالر قرض جي رقم احساس پروگرام جي ذريعي غربت ۾ گهٽتائي لاءِ استعمال ٿيندي، اِها رقم تعليم پروگرام ۽ نشوونما پروگرام جي لاءِ به خرچ ڪئي ويندي.
آءِ ايم ايف جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان کي بجيٽ سپورٽ طور گڏيل طور تي لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالر جي رقم جاري ڪري چڪا آهيون، پاڪستان جي لاءِ 6 ارب ڊالر قرض پروگرام جي منظوري جولاءِ 2019ع ۾ ڏني وئي هئي ۽ آءِ ايم ايف جو اِهو پروگرام 39 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔