سعودي عرب ۾ تيل جي ذخيرن تي ڊرون حملو

رياض: حوثي باغين پاران سعودي عرب ۾ تيل جي زخيرن تي ڊرون حملو ڪيو ويو جنهن سان باهه ڀڙڪي پئي.
عرب ميڊيا موجب سعودي شهر خميس مشيط ۽ نجران سميت ٻين علائقن کي حوثي باغين پاران بارودي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو پر سعودي اتحادي فوج حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو جڏهن ته جازان ۾ تيل جي ذخيري تي ڪيل حملي ۾ تيل جي هڪ ٽينڪ ۾ باهه ڀڙڪي پئي جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔