ريشم ۽ علي ظفر کي پرائيڊ آف پرفامنس جو حقدار نٿي سمجهان:سڪينا سمون

ڪراچي: پاڪستان جي سينيئر اداڪاره سڪينا سمون چيو آهي ته آئون ريشم ۽ علي ظفر کي اهڙي اعزاز جو حقدار نٿي سمجهان.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مونکي ان مقام تائين پهچڻ لاءِ 40 سال لڳي ويا، افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت علي ظفر ۽ ريشم جهڙن ماڻهن کي ايڏي وڏي اعزاز سان نوازيو ويو آهي جنهن جو هوواقعي به حقدار ناهن.
هن وڌي چيو ته منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن عورتن ملڪ جي خدمت ڪئي هجي ته ڪا به شيءِ انهن جي سارهه ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي.
هن جو چوڻ هو ته هي اعزاز هاڻ تمام گهڻو آسان ٿيندو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙن فنڪارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جن پنهنجي پوري زندگي ان ۾ وقف ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔