ڪراچي: هولي دا فيسٽ 5.0 ۾ سڀاڻي مختلف رنگ پيش ڪيا ويندا

ڪراچي: هندو برادري جو ڏهاڙو هولي، جيڪو رنگن سان جڙيل  آهي ، 29 مارچ تي پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو ،ان موقعي تي هندو برادري جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي.

هولي جي مناسبت سان هولي دا فيسٽ 5.0 سڀاڻي 27 مارچ تي دي پام ڪراچي ۾ ملهائجي رهيو  آهي جيڪو ڊالمين مال ڪلفٽن ڪراچي جي ويجهو واقعي آهي .

ڇنڇر جي رات ٿيندڙ ان فيسٽيول ۾ شريڪ ماڻهن جي تفريح لاءِ مختلف سيگمنٽس جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو ، ان رنگا رنگ پروگرام ۾ اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون

ناليوارو اداڪار شهريار منور، منوچهر صديقي ۽ رائو علي خان به ان تقريب ۾ شريڪ هوندا ، اقليتي برادري سان ٻڌي طور شهرين جو وڏو انگ پڻ ان ۾ شريڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔